تحفه احباب

تحفهءِ احباب (رسالو ):ماهوار رسالو ”تحفِئه احباب“ جولاءِ 1904ع ۾ مشهور شاعر ۽ اديب محمد هاشم مخلص شايع ڪيو هو. هن رسالي کي عوام توڙي ادبي حلقن ۾ ڪافي مقبوليت حاصل ٿي. هن رسالي ۾ هڪ طرف تفريحي ۽ مزاحيه مضمون شايع ٿيندا هئا، ٻئي طرف سنڌي غزل جي آبياري ٿيندي هئي. شاعر پنهنجا غزل لکي موڪليندا هئا ۽ ”تحفهءِ احباب“ جي ”بزم مشاعره“ جو سينگار ٿيندا هئا. هن ڪتاب شاعرن جي تربيت ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو